تهران – 18 اپريل(اي پي پي) ايران جي صدر ابرا??يم?? رئيسي، سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن ع??دل??زيز کي تهران جي دوري جي باضابطه دعوت ڏني آهي. سعودي عرب جي خابرو اداري مطابق ايران جي ??رڏ??هي وزارت جي ترجمان گذريل ڏينهن نيوز ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته ايران جي صدر ابرا??يم?? رئيسي سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن ع??دل??زيز کي رياض طرفان ڏنل دوري جي دعوت جي جواب ۾ تهران جي دوري جو دعوت نامو اماڻيو آهي. ايران جي خابرو اداري مطابق ٻنهي ملڪن جا فني وفد پنهنجي سفارتي مشن کي باضابطه طور ٻيهر کولڻ جي تياري ڪري رهيا آهن. تهران جو چوڻ آهي ته اهو مشن 09 مئي تائين پنهنجون سرگرميون ٻيهر شروع ڪري ڇڏيندو. واضح رهي ته مارچ ۾ چين جي ٽياڪڙي ۾ ٿيل معاهدي بعد ايران ۽ سعودي عرب 07 سالن بعد سفارتي ناتن جي بحالي تي اتفاق ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا