لنڊن -26 سيپٽمبر (اي پي پي) ??هز??ده هيري کي مبينه طور تي چيو ويو آهي، ته جيڪڏهن هو شاهي رهائشگاهه ۾ رهڻ چاهي ته کيس بڪنگهم پئلس کي اڳواٽ نوٽيس ڏيڻو پوندو. ميڊيا رپورٽن مطابق 39 ورهين جي هيري هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ هڪ خيراتي تقريب ۾ شرڪت لاءِ لنڊن ويو ته کيس ونڊ سر محل ۾ ترسڻ جي اجازت نه ڏني وئي هئي. ??هز??ده هيري کي 7 سيپٽمبر تي اولهه لنڊن جي علائقي چيلسي ۾ ٿيل ساليانو ويل چائلڊ ايوارڊز ۾ شرڪت ڪرڻي هئي جيڪا هن سال مل??ه الزبٿ جي وفات جي ورسي جي شام جو منعقد ٿيڻي هئي. دي ٽيل??گر??ف جي رپورٽ مطابق جڏهن اهو واضح ٿي ويو ته هيري ۽ چارلس جيڪي ان وق?? بالمورل محل ۾ هئا ان دوري تي ملاقات نه ڪري سگهيا ته ??هز??دي پڇيو ته ڇا هو ونڊ سر محل ۾ رهي سگهن ٿا. هن ونڊ سر ۾ سينٽ جارج چيپل ۾ پنهنجي مرحوم ڏاڏي جي قبر تي وڃڻ جي اجازت به گهري جتي هو 8 سيپٽمبر تي ويو هو. جڏهن ته شاهي محل مبينه طور تي هيري جي آخري وقت ۾ ترسڻ جي درخواست منظور ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪئي هئي.
شهزاده هيري کي شاهي رهائشگاهه ۾ ترسڻ لاءِ بڪنگهم پئلس کي اڳواٽ نوٽيس ڏيڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا