بيجنگ-17 جنوري (اي پي پي) چين جي آبادي ۾ گذريل سال دوران گهٽتائي ۾ تيزي آئي آهي. چين جي شماريات بيورو (اين بي ايس) اربع ڏينهن چيو ته گذريل سال دوران چين جي آبادي ۾ گهٽتائي ۾ تيزي آئي، 2023ع جي آخر تائين قومي آبادي 1409.67 ملين هئي جيڪا 2022ع جي ڀيٽ ?? 2.08 ملين گهٽتائي ظاهر ڪري ٿي. اداري موجب گذريل س??ل جي گهٽتائي 2022ع جي ڀيٽ ?? ٻيڻ کان به وڌيڪ هئي، جڏهن ملڪ جي آبادي ساڍا 8 لک اڌ گهٽ ٿي وئي، چين جي آباد جا اهي انگ اکر 1960ع کان پوءِ پهريون ڀيرو گهٽتائي ظاهر ڪن ٿا.اي?? بي ايس چيو ته 2023ع ۾ پيدائش جو انگ 9.02 ملين هو جنهن جي شرح پيدائش 6.39 في هزار هئي، چين 2016ع ۾ 1980ع جي ڏهاڪي جي لاڳو ڪيل پنهنجي سخت ” هڪ ٻار پاليسي“ ختم ڪري ڇڏي هئي ۽ 2021ع ۾ جوڙن کي ٽي ٻار پيدا ڪرڻ جي اجازت شروع ڪري ڇڏي. پر هي هڪ اهڙي ملڪ لاءِ آبادياتي گهٽتائي کي ريورس ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو جيڪو ڊگهي عرصي کان اقتصادي ترقي جي ڊرائيور طور پنهنجي وسيع افرادي قوت تي ِڀاڙي ٿو. ڪيترائي ماڻهو پيدائش جي شرح ۾ گهٽتائي کي زندگي گذارڻ جي وڌندڙ خرچن سان گڏوگڏ افرادي قوت ۾ وڃڻ ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ عورتن جي وڌندڙ انگ کي ذميوار قرار ڏين ٿا.
2023ع ۾ چين جي آبادي جي گهٽتائي ۾ تيزي آئي: اين بي ايس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی