غزه – 14 مارچ (اي پي پي) غزه جي ڏکڻ واري علائقي رفح ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري جي غذائي امداد جي فراهمي واري مر??ز تي اسرائيلي فوج جي حملي ۾ عملي جو هڪ ??ار??ن مارجي ۽ 22 ٻيا زخمي ٿي پيا. بي بي سي مطابق يو اين آر ڊبليو اي جي سربراهه فلپ لازاريني چيو آهي ته اداري جي ٺڪاڻن تي اسرائيلي حملا معمول بڻجي چڪا آهن هن چيو ته اهي حملا بين الاقوامي انساني قانون جي ڀڃڪڙي آهن. غزه ۾ صحت واري وزارت جي اختيارين چيو آهي ته يو اين آر ڊبليو اي جي مر??ز تي اسرائيلي فضائي حملي ۾ پنج ڄڻا مارجي ويا. يو اين آر ڊبليو اي جي ترجمان جوليٽ ٽوما ٻڌايو ته خيال ڪيو پيو وڃي ته 60 ماڻهو ان مر??ز ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، جيڪو خوراڪ ۽ ٻئي ضروري سامان جي گودام طور پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي.
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔