مڪو شريف – 21 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب ۾ الحرمين الشريفين اٿارٽي ۾ ديني معاملن جي سربراهه شيخ عبدالرحمان السديس تراويح ۽ قيام لاءِ هلندڙ سال مقرر ٿيل نون امامن جي اعزاز ۾ افطار جو اهتمام ڪيو. ايس پي اي مطابق مسجد الحرام ۾ نون امامن جي اعزاز ۾ افطار ۾ شاهي منظوري ??ريعي تراويح ۽ قيام جي امامت لاءِ مقرر شيخ بدر الترڪي ۽ شيخ وليد الشمسان شرڪت ڪئي. افطار جي موقعي تي الحرمين الشريفين اٿارٽي ۾ ديني معاملن جي سربراهه چيو ته انتظاميا امامن جي مرتبي کي نمايان ڪرڻ ??ي منصوبي تي عم?? ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد عالمي سطح تي حرمين جا ديني هدف حاص?? ڪرڻ ۽ زا??ري?? جي تجربي کي بهتر بڻائڻ آهي. هن چيو ته منصوبي ذريعي الحرمين جي مغبت پيغام کي رمضان المبارڪ ۾ هٿي ڏيڻ ۾ امامن جو ڪردار وڌندو. ٻنهي امامن ديني معاملن جي سربراهه جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هو حرمين جي پيغام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري ??هيا آهن.
مسجد الحرام ۾ هلندڙ سال مقرر ٿيل نون امامن جي اعزاز ۾ افطار
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون