اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 2013ع جو انڌيرن ۾ ورتل پاڪستان اڄ روشن آهي ۽ اقتصادي طور تي مستحڪم ٿي رهيو آهي، اسان سڀ پاڪستاني آهيون، اسان کي ان تي فخر آهي، قائداعظم محمد علي جناح جو مقصد هو پاڪستان هڪ پرامن ۽ جمهوري ملڪ بڻجي اڀري، قائداعظم جي ويزن جي پڄاڻي لاءِ اسان کي گڏجي ڪوششون ڪرڻ گهرجن، اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته هر پاڪستاني آئين پڙهندو، اڄوڪي ڏينهن تي هي ڳالهه اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اڳوڻي وزيراعظم محم?? نواز شريف گذريل چار سال پاڪستاني قوم ۽ نوجوانن لاءِ ڪم ڪيو، محم?? نواز شريف جي ويزن تحت ڪيل ڪوششن جي نتيجي ۾ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون ويون، توانائي جا منصوبا ٺاهيا ويا ۽ سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري جي ذريعي ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم جاري آهي، 90ع جي ڏهاڪي ۾ اڳوڻي وزيراعظم محم?? نواز شريف انفراسٽرڪچر جي ترقي جو ويزن ڏٺو اڄ انهي تحت پاڪ چين اقتصادي لنگهه جا منصوبا مڪمل ٿي رهيا آهن. هن اها ڳالهه آزادي جي ڏهاڙي جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان ٽ??لي ويزن هيڊڪوارٽر ۾ خصوصي تقريب ۾ ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب ۾ چئي.
2013ع جو انڌيرن ۾ ورتل پاڪستان اقتصادي طور تي مستحڪم ٿي رهيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : bolão quina