اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته آءِ ايم ايف جو وفد بيل آئوٽ پروگرام جي شرطن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ 7 نومبر تي پاڪستان جو دورو ڪندو، آءِ ايم ايف قرض ڏيڻ جي لاءِ ناقابل قبول شرط رکيا ته معاهدو نه ڪنداسين، آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کا?? اڳ دوست ملڪن وٽ وياسين، سعودي عرب، چين ۽ گڏيل عرب اماراتن مدد جي لاءِ ڪي ناقابل قبول شرط ناهن رکيا، مون حڪومت ۾ اچڻ کا?? اڳ يا پوءِ ڪڏهن به آءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي، چيني قرضن تي آءِ ايم ايف وڃڻ جي حوالي سان آمريڪي پرڏيهي وزير جو بيان 100 سيڪڙو غلط بياني تي ٻڌل آهي. ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر هتي ناڻي واري وزارت ۾ صحافين ??ان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪا پهرين ??ڪومت نه آهي جيڪا آءِ ايم ايف وٽ وڃي رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج