بيجنگ -08 جولاءِ (اي پي پي) چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي چيو آهي، ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي ڏ??ڻ ايشيا ۽ ان کان ٻاهر امن، ترقي ۽ استحڪام جو هڪ مستقل ذريعو آهي. هن چين ۽ ڏ??ڻ ايشيا وچ ۾ سهڪار تي سنکهوا يونيورسٽي جي انتظام هيٺ ورلڊ پيس فورم 2025ع ۾ پنهنجي رمارڪس ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ خصوصي ۽ منفرد لاڳاپن تي روشني وڌي جيڪي گڏيل احترام، برابري ۽ سٺي پاڙيسري جي جذبن تي قائم آهن جن ۾ ڏ??ڻ ايشيائي ملڪن وچ ۾ به سهڪار تي ٻڌل هم آهنگي ۽ گڏيل فائديمند لاڳاپن تي زور شامل آهي. هن جٽادار ترقي ۽ امن وچ ۾ مربوط رابطن تي زور ڏيندي چين جي گلوبل سيڪيورٽي انيشيٽو (جي ايس آءِ)، گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو (جي ڊي آءِ) ۽ گلوبل سولائزيشن انيشيٽو (جي سي آءِ) کي ساراهي?? ج??هن ۾ قومون بشمول ڏ??ڻ ايشيا وچ ۾ ڳالهين ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ فراهم ڪيو ويو آهي. پاڪستاني سفير سي پيڪ تحت اهم سيڙپڪاري ذريعي پاڪستان جي ترقي جي سفر ۾ سهڪار ڪرڻ تي چين جو ٿورو مڃيندي چيو ته هي اهڙي وقت ۾ ڪيو ويو جڏهن پاڪستان کي ان جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت هئي. هن گڏيل مستقبل جي چين پاڪستان ڪميونٽي جي تعمير لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيندي سي پيڪ کي قديم شاهراه ريشم جو جديد دور جو مظهر قرار ڏن?? ج??ڪو چين ۽ ڏ??ڻ ايشيا کي ملائي ٿو. عوامي ۽ واپاري رابطن جي سهولت فراهم ڪري ٿو. پاڪستاني سفير ڄمون ڪشمير جي باري ۾ چين جي مستقل ۽ اصولي موقف کي به ساراهي?? ج??هن سبب تڪرار جي منصفاڻي ۽ پراڻي حل لاءِ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي زور ڀريو ويو آهي. هن علائقائي سهڪار بابت ڏ??ڻ ايشيائي تنظيم (سارڪ) ۾ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن تحت اڳيان وڌڻ جي نقطه نظر سان نئين ز??دگي پيدا ڪرڻ تي به زور ڀريو.
چين ۽ پاڪستان جي دوستي ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام جو مستقل ذريعو آهي: خليل هاشمي
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena