ميرانشاهه – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته فاٽا کي قومي ??ارا ۾ آڻڻ ڊگهي مدي واري ترقي ۽ خوشحالي جي چاٻي آهي ۽ ح??ومت فاٽا جي عوام جي خواهشن موجب ان تي ڪم ڪري رهي آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ چي?? آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه اتر وزيرستان ايجنسي جي علائقن ميرانشاهه ۽ غلام خان جو دورو ڪيو. ميرانشاهه پهچڻ تي وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي جن امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون. وزيراعظم پاڪستان آرمي انجنيئرن پاران نئين تعمير ٿيل ميرانشاهه مارڪيٽ ڪمپليڪس جو افتتاح ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار