اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ ۽ همدردي ۽ احساس تي ٻڌل معاشري جي جوڙجڪ جي عزم کي ورجائيندي چ??و آهي ته اڄ جو پاڪستان هڪ نئون پاڪستان آهي جتي هر شهري بنا ڪنهن فرق جي ترقي ۽ خوشحالي سان همڪنار ٿي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري، پاڙيسري ملڪن سان برابري جي سطح تي دوستاڻن ۽ پرامن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، اسان جي امن جي خواهش کي هرگز ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پاڪستان پنهنجي دفاع جي لاءِ هر قدم کڻڻ جو حق رکي ٿو. هن اها ڳالهه پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ??يغ??م ۾ چئي جيڪو اڄ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، 23 مارچ تي اسان جي ملي تاريخ جو اهو عظيم ڏينهن آهي جڏهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن علامه اقبال جي تصور موجب پنهنجي منزل جو تعين ڪيو.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون