ڪراچي – 23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ت?? آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ثالثي جي آڇ وزيراعظم عمران خان جي ان حوالي سان واضح موقف جي عڪاس آهي. پيمرا آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته موجوده ??ڪومت جي ڪرپشن جي خلاف قدمن، اداراجاتي سڌارن ۽ قانون تي موثر عملدرآمد جي ڪري سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ٿي رهيو آهي ۽ انهي جي نتيجي ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي سوچ ۾ به مثبت تبديلي آئي آهي.
مضمون کا ماخذ : راکی