اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ملڪ ۽ ايندڙ نسلن جو سوچندو ۽ انهن جي لاءِ قدم کڻندو آهي، ??مران خان جي قيادت ۾ حڪومت سڄي ۾ طبقاتي تعليمي نظام کي ختم ڪري هڪجهڙو تعليمي نظام لاڳو ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪپتان عمران خان جي قيادت ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم 1992ع جو ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ پنهنجي نالي ڪيو، جيڪي چوندا هئا ته شوڪت خانم اسپتال نه ٺهندي اهي ڏسي وٺن ته وڌيڪ ٻه ڪينسر اسپتال بڻجي چڪا آهن، پاڪستان جي غيور عوام ساليانو 10 ارب روپين جا عطيا شوڪت خانم اسپتال کي ڏيندي آهي جنهن جي ذريعي غريبن جو مفت علاج ٿي رهيو آهي، ??مران خان سدائين چور رستي ذريعي اقتدار جي خ??اف هئا، تبديلي ۽ نئين پاڪستان جي شمع کڻي عمران خان 22 سال جدوجهد ڪئي، ??نصاف جو پيغام گلي گلي، ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچايو، ميانوالي ۾ نمل يونيورسٽي سان هڪ مڪمل نالج سٽي بڻجڻ وڃي رهيو آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جيڪا پنجاب، ڪي پي ڪي، ??لوچستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير، گلگت بلتستان جي حڪومت ڪري رهي آهي، وزيراعظم عمران خان ملڪ ۽ ايندڙ نسلن جو سوچيندو ۽ ان جي لاءِ قدم کڻندو آهي، هن چيو ته عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت سڄي ملڪ ۾ طبقاتي نظام تعليم کي ختم ڪري هڪجهڙو تعليمي نظام لاڳو ڪيو. گذريل 70 سالن ۾ هڪجهڙي تعليمي نظام جي لاءِ سنجيدگي ڪوششون نه ڪيون ويون، هن چيو ته 1967ع کانپوءِ پاڪستان ۾ ڪو به ڊيم نه ٺهيو، وزيراعظم عمران خان مهمند ڊيم، داسو ڊيم، سنڌ بيراج سميت 10 وڏن آبي ذخيرن تي ڪم شروع ڪيو، انهن منصوبن جي تڪميل سان 10 هزار سستي بجلي پيدا ٿيندي ۽ هڪ ڪروڙ 30 لک ملين ايڪڙ فوٽ ??اڻ?? ذخيرو ٿي سگهندو، هن چيو ته خيبرپختونخوا جي پوري آبادي کي صحت انصاف ڪارڊ فراهم ڪيو ويو آهي، پنجاب ۾ صحت ڪارڊ فراهمي جو آغاز ٿي ويو آهي، ??حساس پروگرام تحت 2 لک اسڪالرشپ ڏنا ويا آهن، هن چيو ته وزيراعظم ٽي ٽيز، جعلي اڪائونٽس، ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجي لاءِ فليٽس ناهن ٺاهيا پر ڇت کان محروم ماڻهن کي ڇت فراهمي تي ڌيان ڏنو، گهر ٺاهڻ لاءِ 225 ارب روپين جي ماليت جون درخواستون مليون آهن، 30 ارب قرض جاري ڪيا ويا آهن، 3 سالن ۾ 1700 ڪلوميٽر رستا ٺاهيا، ڪي پي ڪي واحد صوبو آهي جنهن پنهنجي موٽر وي (مردان سوات) ٺاهي، 6 هزار ڪلوميٽر رستن جي تعمير جا مصنوبا جاري آهن. ڪراچي ۾ گرين لائين ٽرانسپورٽ سسٽم، سرڪلر ٽرين، سکر – حيدرآباد موٽروي، ??اقي سنڌ جي ٻين علائقن ۾ وفاق جا ڪم نظر اچي رهيا آهن، هن چيو ته بدقسمتي آهي ته ٽي ٽي ڀيرا حڪومتون ڪندڙ مايوسين ورهائي رهيا آهن، اسان اميد ڏيندڙ آهيون.
وزيراعظم ملڪ ۽ ايندڙ نسلن جو سوچندو ۽ انهن جي لاءِ قدم کڻندو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن