اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي منڊي ۾ قيمتون وڌڻ جي باوجود عوام ??ي ريليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي وڏي سبسڊي ڏئي رهي آهي، اهي قدم اڳ ۾ ڪنهن به حڪومت نه کنيا، موجوده سياسي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ کي عوام جو اعتماد حاصل آهي، ميمبر پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا تيز ڪن ۽ انهن جا مسئلا فوري حل ڪرائين. وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي ميمبرن ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ شير اڪبر خان، سليم الرحمان، ظل هما، چوڌري عامر سلطان چيما، ملڪ عمر اسلم خان، عثمان خان ترڪئي، ارباب عامر ايوب، عمران خٽڪ، جاويد اقبال وڙائچ، ??بدالمجيد خان نيازي ۽ نياز احمد جهڪڙ شريڪ ٿيا ??ڏهن ته خاص معاون ملڪ محمد عامر ڊوگر پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ميمبرن وزيراعظم تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عوامي ڀلائي جي لاءِ انقلابي قدم کنيا ??هن، ڪامياب پاڪستان پروگرام جي ذريعي نوجوانن، عورتن، غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻه?? جي لاءِ بنا وياج قرض فراهم ڪيا پيا وڃن، احساس پروگرام تحت رعايت راشن، تعليمي وظيفن، ايمرجنسي ڪيش، ماءُ ۽ ٻار جي واڌويجهه، خصوصي ماڻه?? جي ڪفالت، پناهگاهن ۽ عورت?? جي لاءِ سينٽر ٺاهيا ويا ??هن. وزيراعظم چيو ته عالمي منڊي ۾ قيمتون وڌڻ جي باوجود عوام ??ي ريليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي وڏي سبسڊي ڏئي رهي آهي، هي اهي سمورا قدم آه?? جيڪي اڳ ۾ ڪنهن به حڪومت نه کنيا، موجوده سياسي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ کي عوام جو اعتماد حاصل آهي. وزيراعظم قومي اسيمبلي ميمبرن کي پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا تيز ڪرڻ ۽ انهن جا مسئلا فوري حل ڪرائڻ جي تلقين ڪئي.
وزيراعظم سان قومي اسيمبلي ميمبرن جون ملاقاتون، عوامي رابطا تيز ڪرڻ ۽ مسئلن جي فوري حل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا