اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پوري دنيا اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ تي ??تفق ٿي چڪي آ??ي، او آءِ سي اجلاس ۾ سئو کان وڌيڪ قراردادون بحث هيٺ اينديون، ڪشمير مسئلي تي دنيا جو ڌيان ڇڪرائينداسين. هو پرڏيهي وزارت ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جو سرڪاري ت??انو جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪجهه مهينن ۾ ٻيون ڀيرو مسلمان امت جي ميزباني ڪري رهيو آهي جيڪا اعزاز جي ڳالهه ??هي. هي اجلاس ان لاءِ به منفرد آهي جو اهو پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ??نعقد ٿي رهيو ??هي. هن چيو ته او آءِ سي جا پرڏيهي وزير 23 مارچ تي ??ريڊ ۾ شريڪ ٿيندا. پرڏيهي مهمان اسان جي ثقافت ۽ ان ڏينهن جيڪو قومي يڪجهتي جو مظاهرو ٿي رهيو آهي، ان جو مشاهدو ڪندا. پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي اجلاس جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جون تمام گهڻيون ڪوششون آهن. هن چيو ته اجلاس اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن مسلمان امت کي فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي سميت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن جڏهن ته ڪشمير ۽ فلسطين جا مسئلا اڳ کان وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويا آهن. افغانستان ۾ به انساني بحران جاري ??هي. انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو ملندو. هن چيو ته ڪشمير مسئلي تي دنيا جو ڌيان ڇڪرائينداسين. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي لاءِ جاري ڪيل تراني کي ناليواري گلوڪار علي ظفر ڳايو ۽ ٻيهر ٺاهيو آهي ۽ وڊيو الڪريم بيگ تيار ڪئي ??هي.
پوري دنيا اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ تي متفق ٿي چڪي آهي، او آءِ سي اجلاس ۾ سئو کان وڌيڪ قراردادون بحث هيٺ اينديون: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ