اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان جمهوريه مصر جي ??رڏيهي وزير سامح حسن شڪري پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي ??روغ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي ??اءِ پاڪستان اچڻ تي مصري پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ??ه او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو اجلاس اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو ??هي جڏهن پاڪستان پنهنجي ??ائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيو ??هي. مخدوم شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ??ه مصر خطي جو هڪ اهم ڀائر ملڪ ??هي. هن چيو ??ه مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي ??ابل قيادت ۾ مصر جو سياسي استحڪام ۽ سلامتي طرف سفر خوشي جوڳو ??هي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ??ه ٻنهي ملڪن جي عوام گڏيل عقيدي ۽ ثقافتي وابستگين جي ??نڌڻن ۾ ٻڌل ??هي. ٻنهي ڀائر ملڪن جي ??چ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن جي حوالي سان موقف ۾ هم آهنگي اطمينان جو سبب ??هي. مصر جي ??رڏيهي وزير سامح حسن شڪري شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.
پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان جمهوريه مصر جي پرڏيهي وزير سامح حسن شڪري جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل