اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته 23 مارچ جو ڏينهن اسان جي تاريخ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، قرارداد لاهور ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي عظيم مقصد جي لاءِ متحد ڪيو، قائداعظم محمد علي جناح، علامه اقبال ۽ تحري?? آزادي جي اڳواڻن جي قربانين سان پاڪستان حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ٿي. پاڪستان جي ??ها??ي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جو راز جمهوريت ۾ لڪل آهي، جمهوري روايتن سان رواداري، هم آهنگي ۽ برداشت کي هٿي ملندي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستاني معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آهي جڏهن ته اسان ان وچن کي ورجائڻو پوندو ته اسان بزرگن جي نقش قدم تي هلندي پاڪستان کي عظيم تر ملڪ بڻائينداسين. هن چيو ته هلندڙ سال 75 هين سالگرهه جي موقعي تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جو انعقاد مسلمان دنيا ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار جو واضح اظهار آهي. دعا آ??ي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري.
23 مارچ جو ڏينهن اسان جي تاريخ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز