ڪراچي – 28 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌي رهي آهي، ملڪ ۾ ويليوا يڊيشن جي ذريعي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ۽ روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪي??رائي قدم کنيا ويا آهن. اها ڳالهه هن ڪراچي کان تقريبن 80 ڪلوميٽر پري نوري آباد ۾ سروس لانگ مارچ (ايس ايل ايم9 ٽائر فيڪٽري جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ??ئي. ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌايو ته ايس ايل ايم فيڪٽري جو قيام چيني ۽ پاڪستاني سيڙپڪارن جي گڏ??ل ڪوششن جو نتيجو آهي، صدر خوشي جو اظهار ڪي?? ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌي رهي آهي. هن چيو ته 2013- 2018ع دوران ٽائرن جي اسمگلنگ ۾ اضافو ڏٺو ويو پر هاڻي ملڪ ۾ ٽائرن جي تياري سان اسمگلنگ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن چين جي حڪومت ۽ ان جي قيادت کي ساراهيندي ??يو ته زراعت، آٽو ۽ ٻيا اهڙا ڪي??رائي شعبا آهن جتي اسان چيني ڪمپنين سان تعاون ڪري سگهون ٿا ۽ ٻنهي ملڪن ۽ ان جي عوام جي لاءِ فائديمند ٿيندو. ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌايو ته ملڪ ۾ ويليو ايڊيشن جي ذريعي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ۽ روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪي??رائي قدم کنيا ويا آهن، هن ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپاري برادري کي سهولتون فراهم ڪري شاندار ڪم ڪي?? آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسٽيڪ هولڊر کي پاليسي سازي جي عمل ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. صدر چيو ته عورتن ۽ معذور ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪي?? وڃن ته جيئن بئنڪنگ ۽ ٻين شعبن ڪي?? آهي، ان موقعي تي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين کي وڌائن لاءِ عارضي فنانس اڪنامڪ فيسيلٽي (ٽي آر ايف اي) متعارف ڪرائي آهي ۽ ان اسڪيم جي ذريعي خاص طور تي ننڍي ڪاروبار کي ترجيحي بنيادن تي قرض ڏنا پيا وڃن، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر چيو ته ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين کي فروغ ڏيڻ لاءِ ننڍي ڪاروبار جي لاءِ ڪمرشل بئنڪن جي ذريعي ترجيحي بنيادن تي قرض ڏنا پيا وڃن ان موقعي تي سي اي او ايس ايل ايم عثمان سعيد چيو ته ايس ايل ايم ملڪ جي ايڪسپورٽ تي ٻڌل ڪمپني آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان منافعو ڪمايو پر ان جو وڏو حصو ملڪ ۾ ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي تي خرچ ڪي?? پيو وڃي. سي اي او ٻڌايو ته اسان ملڪ ۾ غريب ماڻهن جي خدمت لاءِ اسپتالون قائم ڪي??ن آهن ۽ ان کانسواءِ ملڪ ۾ ٻين فائونڊيشنز کي هر قسم جي مدد فراهم ڪئي وئي آهي.
پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌي رهي آهي؛ صدر
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت