اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف يو اي اي جي صدر شيخ خليفه بن زيد النيهان جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ متحده عرب امارات ويندو، و??يراعظم اڄ ڇنڇر ڏينهن لنڊن کان متحده عرب امارات ويندو، جتي آچر تي يو اي اي جي ولي عهد شيخ محمد بن زيد النيهان سان مرحوم صدر جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف يو اي اي جي قيادت ۽ عوام سان افسوس جو ا??ها?? ڪندو. پاڪستان جي عظيم دوست شيخ زيد جي لاڏاڻي کانپوءِ شيخ خليفه بن زيد پنهنجي والد جي مشن ک?? قابليت سان اڳتي وڌايو. وزيراعظم شهباز شريف تعزيتي پيغام ۾ چيو ته شيخ زيد يو اي اي جي فيڊريشن جو بنياد رکيو هو، شيخ خليفه ان ک?? وڌي?? مضبوط ڪيو ۽ مثالي ترقي ڏني، 50 سالن جي مسل??ل محنت سان شيخ خليفه يو اي اي لاءِ پنهنجي والد جي ترقياتي ويزن ک?? نئين بلندين تي پهچايو، شيخ خليفه مرحوم پنهنجي دور ۾ مشاورت کي پنهنجي قوت بڻايو، هو عوام سان رابطي ۾ رهندو هو، و??يراعظم تعزيتي پيغام ۾ چيو ته هو اعليٰ تعليم يافته ۽ زيرڪ شخصيت هو جنهن پنهنجي اقتدار کي ملڪ ۽ عوام جي خدمت لاءِ وقف رکيو، شيخ زيد وانگر شيخ خليفه بن زيد النيهان جو لاڏاڻو مسلمان امت لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، و??يراعظم مرحوم جي بلند درجن ۽ يو اي اي جي حڪومت ۽ عوام لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف شيخ خليفه بن زيد النيهان جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ متحده عرب امارات ويندو
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2