اسلام آباد – 05 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد جي ڪورنگ نا??ي ۾ ٻ??ڏ وهڪري ۾ ڦاٿل چئن ننڍن ٻارن کي بچائڻ تي ريسڪيو ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪ بحريه، اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ ريسڪيو 1122 جي عملي فرض شناسي جو عمده مثال قائم ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته طوفاني ٻ??ڏ وهڪري ۾ ريسڪيو جي عملي جنهن بهادري، مهارت ۽ دليري جو مظاهرو ڪيو آهي انهن کي خراج تحسين پيش ڪر??ان ٿو. هن چيو ته شديد موسمي حالتن ۾ والدين پنهنجي ٻارن جي حفاظت جي حوالي سان ذميواري جو مظاهرو ڪن، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته ڪو حادثو نه ٿيو. وزيراعظم چيو ته راولپنڊي سميت سڄي ملڪ جي ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون اسلام آباد ٽيم جي مثال جي پوئلڳي ڪن، هي واقعو سڀني جي لاءِ مثال آهي. هي واقعو سڀني جي لاءِ مثال آهي ته جيڪڏهن اسان اهڙي طرح ٽيم ورڪ، محنت ۽ ب??ادري سان ڪم ڪر??ون ته انشاءَ الله مشڪلاتن جي طوفاني وهڪرن مان سرخرو ٿي نڪرنداسين. هن چيو ته طوفاني برساتن ۽ ٻ??ڏ واري صورتحال ۾ قومي ۽ انساني همدردي جي جذبي سان پنهنجي اهل وطنن جي مدد ڪر??و.
وزيراعظم پاران اسلام آباد جي ڪورنگ نالي ۾ ٻوڏ وهڪري ۾ ڦاٿل چئن ننڍن ٻارن کي بچائڻ تي ريسڪيو ٽيم جي ڪارڪردگي جي ساراهه
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ