اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ۽ نجي شعبي جي انشورنس ڪمپنين تي زور ڏنو آهي ته اهي وڌ کان وڌ بيما پاليسي تائين پهچ يقيني بڻائڻ جي لاءِ عالمي معيار موجب ڊيجيٽل ذريعن کي استعمال ۾ آڻين، ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ اسلامي تڪافل (انشورنس) بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ عالم سڳورن کي شامل ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ انشورنس انڊسٽري ۾ بيداري ۽ ٽيڪنالاجي جي اهميت جي موضوع تي هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چي?? ته انشورنس سي??ٽر جي ڊيجيٽل جز جي ڏس ۾ وسيع تر رازداري ۽ ڊيٽا جي تحفظ جي مسئلن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته نئين ٽيڪنالاجيز انشورنس سي??ٽر ۾ جدت آڻڻ ۽ انشورنس مارڪيٽن جي ريگيوليٽري طريقن تي اثرنداز ٿيڻ جي صلاحيت رکن ٿيون. هن چي?? ته نئين ٽيڪنالاجيز جي ذريعي جدت مالياتي شعبي ۾ تبديلي جو هڪ اهم محرڪ آهي ۽ اهي رسڪ ڊسٽري بيوشن جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. هن چي?? ته انشورنس سي??ٽر ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي کان ڇوٽ ڏنل نه آهي جنهن ۾ خدمتن جي فراهمي جي نئين طريقين سان گڏوگڏ ڊيٽا گڏ ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا موجود آهن، انشورنس سي??ٽر خطري جي بهتر سڃاڻپ ۽ حادثاتي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهي ٿو. مصنوعي ذهانت جي استعمال جي حوالي سان هن چي?? ته نئين ٽيڪنالاجي صارفين کي درستگي سان گڏوگڏ بهتر تجربو فراهم ??ري سگهي ٿي، رسڪ ڊسٽري بيوشن جي ڏس ۾ ڪمپيوٽنگ تي ٻڌل بلاڪ چين ڊيٽا جي سائبر سي??يورٽي کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپنين کي هڪ سروي ڪرڻ جي تجويز ڏني ته ماڻهو بيما ڪرائڻ کان ڇو ٿا پاسو ڪن.
سرڪاري ۽ نجي شعبي جون انشورنس ڪمپنيون وڌ کان وڌ بيما پاليسي تائين پهچ يقيني بڻائڻ لاءِ عالمي معيار موجب ڊيجيٽل ذريعن کي استعمال ۾ آڻين: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea