اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو زهريلي گئسن جي اخراج ۾ حصو هڪ ??يڪڙو کان به گهٽ آهي پر موسمياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان 1300 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ بي گهر ٿي چڪا آهن، اربين ڊالر جو نقصان ٿيو آهي، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ عالمي سهڪار، يڪجهتي ۽ مدد گهربل هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪئناڊا جي عالمي ترقي واري وزير هرجيت سنگهه سجن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزي??اع??م اهڙي مشڪل وقت ۾ جڏهن پاڪستان کي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جا اثر درپيش آهن، پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃيا. وزي??اع??م کيس ٻڌايو ته ٻوڏ سان 1300 کان وڌيڪ ماڻهو فوت، 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر، 40 لک ايڪڙ کان وڌيڪ فصلون تباهه جڏهن ته 800000 چوپايو مال مري چڪو آهي جنهن سان ماڻهو روزگار شديد متاثر ٿيو آهي ۽ نقصان اربين ڊالر تائين پهچي چڪو آهي. وزي??اع??م ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ يڪجهتي ۽ امداد تي ڪئناڊا کي سارا??يو. وزي??اع??م چيو ته عالمي سطح تي گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ ??يڪڙو کان به گهٽ آهي پر پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ ??هي ۽ تازين موسمياتي تبديلين ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ان جو ثبوت آهي. ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ حڪومت جي قدمن کي اجاگر ڪندي وزي??اع??م ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي جي لاءِ به مسلسل عالمي حمايت، يڪجهتي ۽ مدد جي ضرورت هوندي. وزي??اع??م عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ، پائيدار اقتصادي ترقي ۽ صحت جي شعبن بابت منصوبن ۾ معاونت تي ڪئناڊا جي حڪومت کي سارا??يو. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان بهتر تعمير جي ح??مت عملي تي عمل ڪندو، پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪندڙ بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير جي لاءِ ماهرن ۽ فني امداد جي ضرورت هوندي ته جيئن مستقبل ۾ قدرتي آفتن جي تباهي آڻيندڙ اثرن کان بچي سگهجي. ڪئناڊا جي وزير هرجيت سنگهه سجن ٻوڏ متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪئناڊا جي حڪومت ٻوڏ ۽ موسمياتي تبديلين جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مدد ڪندي.
پاڪستان جو زهريلي گئسن جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر موسمياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی