ڪراچي – 16 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻا??ڻ ۽ ان سلسلي ۾ چونڊن جي ذريعي سياسي نظام تي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ تي زور ڏيندي چي?? آهي ته پاڪستان کي دنيا سان هم آهنگ رهڻ ۽ صحيح ۽ وقت سر فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار اوورسيز انويسٽر چي??بر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. صدر چي?? ته وسيع سياسي اونرشپ مثبت تبديلي جي لاءِ اهم آهي ۽ اهو رڳو چونڊن ذريعي ئي ممڪن آهي. پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي صلاحيت تي ڳالهائيندي صدر چي?? ته هو پاڪستان ۾ آءِ ٽي شعبي جي ترقي جو سڀ کان وڏو حامي رهيو آهي، آءِ ٽي جو شعبو قومي نه پر عالمي بنيادي ڍانچي تي ٻڌل آهي ۽ ان جي لاءِ افرادي قوت جي ضرورت آهي، هي اها شيءَ آهي جنهن سان پاڪستان موجوده مشڪل وقت ۾ به فائدو کڻي سگهي ٿو. صدر چي?? ته ملڪ کي درپيش ڏکئي مسئلن جي آسان حل جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. ان موقعي تي وفد صدر کي تا??و ئي ڪيل ڪاروباري اعتماد سان لاڳاپيل سروي بابت آگاهه ڪيو. وفد پاڪستان ۾ ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن جي حوالي سان تجويزون پڻ ڏنيون. ان موقعي تي پريزنٽيشن ۾ ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري، اي گورننس، ويب 3.0 ٽيڪنالاجيز جي انٽيگريشن ۽ امڪاني پاليسي آپشنز جي طور تي ڊيجيٽل ريگيوليشنز تي روشني وڌي وئي.
پاڪستان کي دنيا سان هم آهنگ رهڻ ۽ صحيح ۽ وقت سر فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش