ڪراچي – 15 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ميرپور ماٿيلو جي پارٽي اڳواڻ غلام نبي وسير جي قتل جي مذمت ڪئي آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پا??ان جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته غلام نبي وسير جي خون سان انصاف ٿيندو، ڏوهارين کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين. هن چيو ته قيادت سميت پوري پارٽي سوڳ??ار خاند??ن سان گڏ آهي. هن چيو ته غلام نبي وسير پارٽي جو اثاثو هو، سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، دعاڳو آهيان الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ پو??ئي??ن کي صبر جميل عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن