اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن ص??بن ۾ نگران حڪومتن جي 90 ڏينهن کان وڌيڪ عرصي کان قيام جي قانوني حيثيت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان حوالي سان چوڌري فواد حسين جو خط وزيراعظم کي موڪلي ڇڏيو. خط ۾ صدر وزيراعظم کي ملڪ ۾ آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت جو استحڪام يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڳوڻي وفاقي وزير پاران اٿاريل مسئلن تي غور ڪرڻ جو چيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب چوڌري فواد حسين صدر جي نالي پنهنجي خط ۾ ملڪ جي ٻن ص??بن ۾ عبوري سيٽ اپ جي قانوني حيثيت جي حوالي سان مسئلن جي نشاندهي ڪندي چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ عبوري حڪومتن پنهنجو مقرر مدو پورو ڪري ورتو آهي. آئين ۾ عبوري سيٽ اپ جي مقرر مدي کي جاري رکڻ/ توسيع جو ڪو ذڪر نه آهي. نگران حڪومتون آئين جي آرٽيڪل 224 ??وجب اليڪشن ڪميشن کي آئين ۽ قانون موجب ??زا??اڻي، منصفاڻي ۽ ديانتداراڻي انداز ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ متعار?? ڪرايون ويون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف کي چيو آهي ته هو پاڪستان ۾ آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت جي مضبوطي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ان معاملي جو جائزو وٺي.
صدر پاران ٻن صوبن ۾ نگران حڪومتن جي 90 ڏينهن کان وڌيڪ عرصي کان قيام جي قانوني حيثيت تي ڳڻتي جو اظهار، چوڌري فواد حسين جو خط وزيراعظم کي موڪلي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری