اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪس??ان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي جي لاءِ پاڪس??ان حڪومت هر ممڪن تعاون ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم انوارالحق جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف انوارالحق کي آئيني ۽ جمهوري عمل جي ذريعي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي جي لاءِ پاڪس??ان حڪومت هر ممڪن تعاون ڪندي. وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقياتي فنڊز جي حوالي سان مسئلا جلد کان جلد حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، پاڪس??ان حڪومت ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي لاءِ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي غاصباڻي حربن سان ڪشميرين جو آواز دٻائي نه ٿو سگهي، 5 آگسٽ 2019ع ڀارت جو غيرقانوني قدم انساني حقن تي ڪاري ضرب آهي، گڏيل قومن سميت عالمي برادري کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان سدائين گڏ بيٺل رهندي. وزيراعظم چيو ته اسان هر عالمي فورم تي ڪشميرين تي ڀارت پاران ڪيل ظلمن کي دنيا آڏو بي نقاب ڪيو. وفد ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت جا وزير ڪرنل (ر) وقار نور، فيصل ممتاز راٺور، قانونساز اسيمبلي ميمبر چوڌري لطيف اڪبر شامل هئا. ملاقات ۾ پاڪس??ان مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر شاهه غلام قادر، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو اڳوڻو وزيراعظم راجا فاروق حيدر ۽ پاڪس??ان پيپلزپارٽي (آزاد ڄمون ۽ ڪشمير) جو صدر چوڌري ياسين موجود هئا. ان موقعي تي ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جو ڪشمير ۽ گلگت بلتس??ان معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره پڻ موجود هئا.
پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری