اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) ٻن ڏينهن وارو فليگ شپ اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ (اڄ) اربع ڏينهن پ??ڪ چين فرينڊشپ سينٽر ۾ شروع ٿيندو جنهن ۾ ملڪ کي درپيش اهم چئلينجن ۽ موقعن تي بحث ٿيندي. ٽئين اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ جو موضوع ”تڪرار کان اڳتي؟ منسقم دنيا ۾ عالمي ايجنڊا جي نئين سر ترتيب“ آهي. اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ ??قامي ۽ علائقائي سطح تي ڪجهه اهم ترين مسئلن تي تنقيدي سوچ ۽ مضبوط فڪري گفتگو ل??ءِ هڪ پليٽ فارم طور اڀريو آهي. هائبرڊ ايونٽ جي ٽئين ايڊيشن ۾ عالمي مفڪرن ۽ اسڪالرز، تعليمي ماهرن، پاليسي ساز، مشهور عالمي ميڊيا پرسنز، وفاقي ڪابينا ??ا ميمبر، سفارتي ڪور، اڳوڻا سرڪاري آفيسر، قانوني ماهر، ٿنڪ ٽينڪس جا نمائندا ۽ سول سوسائٽي ??ا ميبمر شرڪت ڪندا. ان پ??وگرام ۾ 7 ويهڪون ٿينديون، جنهن ۾ ”ڪمانڊرز فورم: جنگ جي بدلجندڙ نوعيت“، غير يقيني جي دور ۾ تعاون سميت ٻين موضوعن تي غور ڪيو ويندو.
ٻن ڏينهن وارو اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ (اڄ) اربع کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج