اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگ??ان حڪومت جيتري وقت جي لاءِ رهندي ڀرپور طريقي سان ڪم ڪنداسين، چونڊن جي تاريخ نگ??ان وزيراعظم نٿو ڏئي سگهي، انتظامي مداخلت جي ذريعي عوام کي جيڪو به ريليف ڏئي سگهون ٿا ضرور ڏينداسين ۽ ان حوالي سان ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون عالمي مارڪيٽ سان واڳيل هونديون آهن، غيرقانوني طور تي رهندڙ افغان پناهگيرن کي واپس موڪليو ويندو، ڪرنسيءَ جي غيرقانوني صنعت جي خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رهندو، اسمگلنگ جي حوالي سان زيرو ٽالرنس جي پاليسي آهي، ذميوارن جي خلاف ڪريڪ ڊائ??ن ڪري رهيا آهيون، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ايپڪس ڪميٽين کي متحرڪ ڪيو ويو آهي، ميڊيا تي پابندي جو تاثر صحيح نه آهي، بنا ڪنهن ڊپ ۽ خطري جي قانون جي عملداري يقيني بڻائي ويندي. اه??ن خيالن جو اظهار هن اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. نگ??ان وزيراعظم چيو ته اڄ صوبائي وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن ۽ نگ??ان حڪومت جيڪي هدايتون ڏنيون هيون انهن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو آهي، ذخيره اندوزي، اسمگلنگ ۽ بجلي چوري جي روڪٿام جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا ۽ انهن تي عملدرآمد ۽ مانيٽرنگ جي مڪينزم تي پڻ غور ڪيو ويو. نگ??ان وزيراعظم چيو ته موجوده مالياتي بحران ۾ مهانگائي، منافعي خورن ۽ ذخيره اندوزن جي هٿان پيڙهيل عوام کي انتظامي مداخلت جي ذريعي جيڪو به ريليف ممڪن ٿيندو، ڏنو ويندو ۽ ان ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ حڪومتي قدم نظر ايندا. هڪ سوال جي جواب ۾ نگ??ان وزيراعظم چيو ته نگ??ان حڪومت هڪ مهينو رهي يا ڏيڍ مهينو اهو غيراهم آهي، جيتري به وقت جي لاءِ نگ??ان حڪومت رهندي ڀرپور طريقي سان ڪم ڪندي. نگ??ان وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ، بجلي چوري ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام جي حوالي سان ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون عالمي مارڪيٽ سان واڳيل آهن، 200 يونٽ تائين جي بجلي صارفين کان قسطن ۾ بل وصول ڪرڻ جي حوالي سان فيصلو جلد ڪيو ويندو. غيرقانوني پناهگيرن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ نگ??ان وزيراعظم چيو ته افغان پناهگيرن جون ٽي ڪيٽيگريز آهن، هڪ اهي آهن جيڪي رجسٽرڊ آهن، ٻيا اهي جيڪي بنا ويزا ۽ قانوني دستاويزن جي رهي رهيا آهن، ٽيان اهي جن جعلي دستاويز ٺاهيا آهن، ٽنهي ڪيٽيگريز جي حوالي سان پاليسي ٺاهي وئي آهي، غيرقانوني طور تي رهندڙ پناهگيرن کي واپس موڪليو ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگ??ان وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ جي حوالي سان زيرو ٽالرنس جي پاليسي آهي، ڪرنسي جي غيرقانوني انڊسٽري تي ڪريڪ ڊائون مسلسل جاري رهندو ۽ جن غيرقانوني انويسٽمينٽ ڪئي آهي انهن کي نقصان کڻڻو پوندو، جيترو جلد اهي ان جو ادراڪ ڪري وٺندا بهتر ٿيندو. ايندڙ عام چونڊن جي تاريخ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ نگ??ان وزيراعظم چيو ته نگ??ان وزيراعظم پاران چونڊن جي تاريخ جو اعلان غيرقانوني هوندو، قانون تحت آئون اهو اعلان نٿو ڪري سگهان. نگ??ان وزيراعظم نگ??ان ڪابينا ۾ فواد حسن فواد ۽ احد چيما جي شموليت جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته اهي سٺا آفيسر رهيا آهن، ڪنهن به سياسي پارٽي جا ڪارڪن ۽ عهديدار ناهن رهيا. نگ??ان وزيراعظم هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته پرائيس ڪنٽرول ڪميٽين جي مڪينزم کي بحال ڪيو ويو آهي، تعلقي ۽ ضلعي جي سطح تي اهو نظام ڪندي نظر ايندو. نگ??ان وزيراعظم سرحدي علائقن جي نوجوانن کي متبادل روزگار جي فراهمي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته روزگار فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، غيرقانوني واپار ۽ اسمگلنگ جي حوصلا افزائي نٿي ڪري سگهجي، ڪجهه ماڻهو پنهنجي ناجائز ڪاروبار جي لاءِ سرحدي علائقن جي ٻارن کي استعمال ڪن ٿا، بي آءِ ايس پي جي ذريعي سرحدي علائقن جي بيروزگار نوجوانن کي سبسڊي ڏيڻ ۽ روزگار جا متبادل ۽ جائز ذريعا فراهم ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي. نگ??ان وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ سان دهشتگرد تنظيمون به فائدو کڻنديون آهن، ذميوارن جي خلاف ڪريڪ ڊائ??ن ڪيو پيو وڃي. نگ??ان وزيراعظم دهشتگردي کي پنهنجي ايجنڊا ۾ سرفهرست قرار ڏيندي چيو ته ان حوالي سان وفاق ۽ صوبن ۾ ايپڪس ڪميٽين کي فعال بڻايو ويو آهي ۽ ان حوالي سان موثر قدم نظر ايندا. هڪ سوال جي جواب ۾ نگ??ان وزيراعظم چيو ته نگ??ان حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ڪنهن کي سوال ڪ??ڻ کان نه پيو روڪيو وڃي، نه ڪا فاشسٽ ايڊوائيز ايندي آهي، اهو تاثر صحيح نه آهي ته اسان ميڊيا کي دٻاءُ ۾ آڻڻ چاهيون ٿا. هاڻي ڊيجيٽل ميڊيا به تمام گهڻي مقبول ٿي چڪي آهي، حڪومتي پاليسين تي سوال اٿاريا وڃن ٿا، ميڊيا تي ڪا به سختي نه آهي، خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ اظهار راءِ جي آزادي پاڪستان ۾ آهي، سڀ کان وڏي جمهوريت هجڻ جي دعويد??ر ملڪ ۾ ميڊيا ڪهڙن ڪمن ۾ مصروف هوندو آهي، سڀ ڏسن ٿا، هتي ٽاڪ شوز ۾ به تنقيد ٿئي ٿي ۽ ٿيڻ گهرجي. نگ??ان وزيراعظم چيو ته نگ??ان حڪومت بنا ڪنهن ڊپ ۽ خطري جي قانون جي عملداري يقيني بڻائيندي ۽ گورننس کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکندي.
نگران حڪومت جيتري وقت جي لاءِ رهندي ڀرپور طريقي سان ڪم ڪنداسين، چونڊن جي تاريخ نگران وزيراعظم نٿو ڏئي سگهي، انتظامي مداخلت جي ذريعي عوام کي جيڪو به ريليف ڏئي سگهون ٿا ضرور ڏينداسين: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ