اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي پي ڊي ايم ايز، ريسڪيو ادارن، گرلز گائيڊز ۽ بوائز اسڪائوٽس تي زور ڏنو آهي ته اهي سڄي ملڪ جي يونيورسٽين، ڪاليجز ۽ اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪارڊيڪ پلمونري ر??سي ٽيشن (پي سي آر) ۽ شروعاتي طبي امداد جي تربيت يقيني بڻائين ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ ۽ حادثاتي صورتحال ۾ قيمتي جانين کي بچائي سگهجي، عورتن جو معاشي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ سان م??اشي معاملن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، معاشري ۽ رياست جي ذميواري آهي ته عورتن کي عملي زندگي ۾ هراسمينٽ کان م??فوظ بڻائين. هو گرلز گائيڊ ايسوسيئيشن هيڊڪوارٽرز ۾ 12 هين آل پاڪستان ڪئمپ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪري ر??يو هو. ڪئمپ ۾ شريڪ ٻارڙين ملي نغمو ۽ تربيتي عمل تي ٻڌل ٽيبلو پڻ پيش ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو ته منهنجي لاءِ انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي ته آئون گرلز گائيڊ کي مخاطب آهيان. شاگردي واري دور ۾ به بوائز اسڪائوٽس جو حصو رهيس، ان ۾ مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻ، ڪيمپنگ، گڏجي ر??ڻ سميت ٻين بنيادي شين، پي سي آر ۽ شروعاتي طبي سکي ۽ پنهنجي عملي زندگي ۾ ان جو استعمال پڻ ڪيو آهي. هن چيو ته ڪنهن اهڙي جڳهه تي جڏهن ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿئي يا هارٽ اٽيڪ جي صورتحال هجي ته ان وقت فوري طور تي حياتي بچائڻ جي لاءِ ڪارڊيڪ پلمونري ر??سي ٽيشن (پي سي آر) ئي واحد حل هوندو آهي، سمورن امدادي ادارن جي ذميواري آهي ته اهي ان عمل ۽ شروعاتي طبي امداد جي تربيت ڏين ۽ اهو سکڻ کانپوءِ اڳتي ماڻهن کي ان جي تربيت فراهم ڪرڻ گهرجي، جڏهن م??اشرو زندگي بچائڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو ته پوءِ اهو ئي معاشرو ترقي جون منزلو طئي پڻ ڪري ٿو. هن چيو ته سٺي صحت ۾ ڏندن جي صفائي پڻ تمام ضروري آهي، جيڪڏهن م??مول سان ڏندن جي صفائي ٿئي ته 85 سيڪڙو ڏندن جي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو. حضور نبي ڪريم ﷺ جي ڏندن جي صفائي جي حوالي سان 123 حديثون آهن. حضور ﷺ پاڻي کي به احتياط سان استعمال ڪرڻ جي تلقين ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن درياءَ ۾ به وضو ڪري ر??يا آهيو ته پاڻي جو گهٽ استعمال ڪريو. صدر عورتن تي زور ڏنو ته اهي هر مهيني ۾ چار کان پنج منٽ لڳائي پنهنجو معائنو ڪن جيڪڏهن ڇاتيءَ تي ڳوڙهي آهي ته اهي فوري طور تي ڊاڪٽ??ن سان رجوع ڪن، ان بيماري جو علاج تمام مهانگو آهي تنهن ڪري احتياط ڪري ان بيماري کان بچي سگهجي ٿو. ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ٽئين ۽ چوٿين م??حلي تي موت جي شرح 50 سيڪڙو تائين آهي اهڙي طرح دماغي صحت تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، مختلف عملن جي ڪري ذهني بيماريون پڻ وڌي ر??يون آهن. صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو ته عورت خاندان جي اينڪر هوندي آهي، اسان جي ملڪ جو خاندان اڃا به مضبوط آهي، عورتون م??اشي سرگرمين ۾ به اڳتي اچي ر??يون آهن جيڪا خوش آئنده آهي. هن چيو ته غزه ۾ 40 سيڪڙو ٻار آهن، انهن ٻارن کي به ياد رکڻ گهرجي، اتي اسرائيلي فوج ٻارن کي به نشانو بڻائي ر??ي آهي، انهن ٻا??ن سميت پنهنجي ڀرپاسي يتيم ۽ بي سهارا ٻا??ن سان همدرديءَ لازمي آهي. گرلز اسڪائوٽس ڪمشنر ماريه صابري گرلز اسڪائوٽس جي قيام دوران ڪئمپ سرگرمين ۽ ٻين م??املن تي ر??شني وڌي.
سڄي ملڪ جي يونيورسٽين، ڪاليجز ۽ اسڪولن ۾ ڪارڊيڪ پلمونري ريسي ٽيشن ۽ شروعاتي طبي امداد جي تربيت يقيني بڻائي وڃي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔