ڪوئيٽا – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، ن??ري??ت ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ??ي ٽي وي بولان تي ”هزارگي“ زبان ۾ ن??ري??ت شروع ٿيڻ تي هزاره برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسان جو مقصد ۽ هدف پي ٽي وي تي علائقائي زبانن جي برابر نمائندگي کي يقيني بڻائڻ آهي، پي ٽي وي بولان تي هزارگي زبان جي ن??ري??ت هزاره برادري جو پراڻو مطالبو هو جيڪو اڄ پورو ٿي ويو آهي، پي ٽي وي بولان جي ن??ري??ت هاڻي عام انٽين?? جي ذريعي ڏورانهن علائقن تائين ڏسي سگهبي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي بولان تي هزارگي زبان جي پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته پي ٽي وي بولان اڳ ۾ ئي بلوچي، پشتو ۽ براهوي زبانن ۾ پنهنجي ن??ري??ت پيش ڪ??ي رهيو آهي جڏهن ته اڄ هزاره برادري جي پراڻي مطالبي تي به هزارگي زبان ۾ به ن??ري??ت شروع ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پي ٽي وي بولان جي نشريات ??يبل ۽ سيٽلائيٽ تي اڳ کان موجود هئي، اها ن??ري??ت عام انٽين?? جي ذريعي به ڏسي سگهبي جنهن سان ڏورانهن علائقن جا ماڻهو فائدو کڻي سگهند?? جيڪي سولر ۽ انٽين?? جي ذريعي پي ٽي وي بولان جي نشريات ??سي سگهندا. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جا ٿورائتا آهيون جو هن اسان جي ان قدم جي حوصلا افزائي ڪئي. نگران وفاقي وزير چيو ته اسان هلندڙ مهيني پي ٽي وي ملتان جي ن??ري??ت جو وقت وڌائي 24 ڪلاڪ ڪيو. هن چيو ته اسان ري براڊ ڪاسٽ سينٽرز جي ٽرانسميشنز جي انگ ۾ به اضافو ڪيو آهي، اڳ ۾ 22 ري براڊ ڪاسٽ سينٽرز ڪم ڪ??ي رهيا هئا، هاڻي ڪان ميترزئي ۾ وڌيڪ هڪ ري براڊ ڪاسٽ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، جنهن سان انهن جو انگ 23 ٿي ويو آهي. هن چيو ته اهي ري براڊ ڪاسٽ سينٽرز ماڻهن تائين پي ٽي وي جي ن??ري??ت پهچائي رهيا آهن. هن چيو ته اسان جو مقصد پي ٽي وي بولان تي علائقائي زبانن جي برابر نمائندگي ??قيني بڻائڻ آهي.
مرتضيٰ سولنگي پاران پي ٽي وي بولان تي ”هزارگي“ زبان ۾ نشريات شروع ٿيڻ تي هزاره برادري کي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا