را??لپ??ڊي-16 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جي دفاع کي يقيني ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ اسان پاڻڀري ۽ جديد ٽيڪنالاجي لاءِ ڪم جاري رکنداسين. قومي ترقيءَ جو رستو پي او ايف واهه جهڙي مقامي صنعتن سان ڳنڍيل هوندو آهي. آءِ ايس پ?? آر مطابق اهڙو اظهار هن پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري جي دؤري جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. آرمي چيف کي پي او ايف جي پيداواري صلاحيت، پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دفاعي ??رورتن کي پورو ڪرڻ ۾ ان جي سهڪار ۽ برآمدي صلاحيت بابت بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف پ?? او ايف مصنوعات جي وسيع رينج جو مشاهدو ڪيو جنهن ۾ ٽيسٽ ۽ ٽرائلز تحت مقامي طور تي ڊزائين ۽ تيار ڪيل نَوان هٿيار ۽ بارود شامل آهن. پي او ايف آفيسرن ۽ عملي کي خطاب ڪند?? آرمي چيف پ?? او ايف کي پاڪستان جي اهم دفاعي ??نعت بنائي ملڪي سلامتي ۽ معيشت ۾ ان جي ڪردار کي ساراهيو. ان کان اڳ چيئرمين پي او ايف واهه آرمي چيف جي آجيان ڪئي.
پاڪستان جي دفاع کي يقيني ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ اسان پاڻڀري ۽ جديد ٽيڪنالاجي لاءِ ڪم جاري رکنداسين: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر