لاهور – 22 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته ٿيلسيما جي مرض جي روڪٿام لاءِ عوام ۾ آگاهي ضروري آهي، سُندس فائ??نڊ??شن جو ٿيلسيميا جي حوالي سان ڪم ساراهه جوڳو آ??ي، اسلام وراثت ۽ عورتن جي حقن بابت قانون جوڙيا، ٿيلسيميا جي مريضن جي لاءِ ماڻهن ۾ وڌي چڙهي رت جو عطيو ڏيڻ جو جذبو موجود هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس لاهور ۾ سُندس فائ??نڊ??شن جي اهتمام هيٺ رت جو عطيو جمع ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته سُندس فائ??نڊ??شن جي ٿيلسيميا جي مريضن جي علاج ۾ معياري سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ نمايان خدمتون آهن جن کي ڪنهن به صورت ۾ وساري نه ٿو سگهجي، ان حوالي سان سينيئر صحافي سهيل وڙائچ، سُندس فائ??نڊ??شن جي ڊائريڪٽر خالد عباس ڊار ۽ صدر ياسين خان ۽ حاجي سرفراز جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن ??يو ته ماضي ۾ ان مرض جي حوالي سان ماڻهن ۾ شعور جي کوٽ هئي پر وقت گذرڻ سان گڏ ٿيلسيميا جي مريضن جي لاءِ بلڊ ڊونرز جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آ??ي تنهن ڪري ان مرض ۾ گهٽتائي آڻڻ ??ي لاءِ ماڻهن ۾ وڌي چڙهي رت جو عطيو ڏيڻ جو جذبو موجود هجڻ گهرجي. هن ??يو ته رت جي بيمارين ۾ ٿيلسيميا کانسواءِ هيموفيليا به هڪ موذي مرض آهي، برطانيا ۾ ٿيلسيميا جي مرض ۾ گذريل 20 سالن کان گهٽتائي ٿي آهي، چ??نڊ??ل حڪومت کي گهرجي ته نڪاح جي هڪ خاني ۾ بلڊ ٽيسٽ کي ضروري قرار ڏنو وڃي ته جيئن ٿيلسيميا ۽ ان سان ٻين بيمارين جي روڪٿام ڪري سگهجي. صدر ??يو ته مسجدن کي تعليم جي فروغ لاءِ ڪميونٽي سينٽر طور استعمال ڪري سگهجي ٿو، اسلام بنيادي طور تي دين فطرت آهي، اسلام وراثت ۽ عورتن جي حقن بابت قانون جوڙيا آهن، اسان جي نبي ﷺ صدقي ۽ خيرات جي اهميت تي زور ڏنو. هن ??يو ته منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته جيترو علم پڙهان ٿو، ان مان ٻيا به فائدو کڻن، چين جي ترقي ٻارن کي تعليم ۽ صحت جون معياري سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ لڪل آهي، اسان جو ملڪ قائداعظم جي اصولن تي هلائڻ گهرجي، هي ملڪ جمهوريت جي بنياد تي جوڙيو ويو آ??ي، جمهوريت جي انهن ئي اصولن کي اختيار ڪري ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. صدر ??يو ته مون کي اميد آهي ته پاڪستان انشاءَ الله ايندڙ ڏينهن ۾ دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل هوندو. ان کان اڳ سُندس فائ??نڊ??شن جي اڳواڻ سينيئر تجزيه نگار ۽ صحافي سهيل وڙائچ ۽ ڊائريڪٽر خالد عباس ڊار ۽ صدر ياسين خان پڻ خطاب ڪيو. تقريب جي آخر ۾ ڊاڪٽرز، بلڊ ڊونرز ۽ صحافين کي تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا. ان موقعي تي ڊاڪٽرز ۽ سُندس فائ??نڊ??شن جا عهديدار پڻ موجود هئا.
ٿيلسيما جي مرض جي روڪٿام لاءِ عوام ۾ آگاهي ضروري آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia