اسلام آباد – 30 – جولائي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ن??شن?? ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ( اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين کي سڄي ملڪ ۾ سانوڻي جي برساتن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم شهباز شريف ٽيليفون تي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ کي برساتن سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ، صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ڊپارٽمينٽس، آزاد ڪشم??ر اسٽيٽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ گلگت بلتستان ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سان رابطو وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۽ برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ کان متاثر رستن کي بحال ڪرڻ جي حوالي سان تيز ترين قدمن جي هدايت ڪئي. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته متاثر علائقن ۾ علاج جي سمورين سهولتن ۽ امدادي سامان سميت دوائن ۽ ٻين ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻايو ??ڃي. وزيرا??ظم سانوڻي جي برساتن ۽ ان ڏس ۾ پيدا ٿيندڙ ٻوڏ واري صورتحال جي نتيجي ۾ ٿيندڙ فوتگين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿيندڙن جي بلند درجن جي لاءِ دعا ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم برساتن سبب حادثن ۾ زخمي ٿيندڙن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
وزيراعظم پاران اين ڊي ايم اي چيئرمين کي سڄي ملڪ ۾ سانوڻي جي برساتن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری