اسلام آباد -31 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي سان مجلس وحدت المسلمي?? جي ايم اين اي حميد حسي?? جي اڳواڻي ۾ ڪرم سان تعلق رکندڙ وفد ملاقات ڪئي. گهرو وزير ڪرم جي علائقي ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي مستقبل ۾ اهڙن واقع?? جي روڪٿام لاءِ جامع حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ تي ??ال??يون ڪي??ن. محسن نقوي قيمتي انساني حياتي?? جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي زخمي?? جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. هن چيو ته ٻن گروپن وچ ۾ تڪرار کي غلط رنگ ڏنو ويو، ان سلسلي ۾ علائقي جي معزز شخصيتن کي ان مسئلي جي جٽادار حل لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻو آهي. حڪومت معاملي جي حل لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. علائقي ۾ ڀائيچاري ۽ هم آهنگي کي برقرار رکڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ڪرم جي ٻنهي گروپ?? جي معزز شخصيتن سان نمائنده وفد کي به ملاقات لاءِ گهرايو. وفد ۾ منير حسين، پروفيسر شبير بنگش ۽ ٻيا شامل هئا. وفاقي گهرو سيڪريٽري خر?? علي آغا به ان موقعي تي موجود هو.
وفاقي گهرو وزير پاران مجلس وحدت المسلمين جي وفد سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب