اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي ??زير محسن نقوي سان عراق جي سفير عباس لفته ملاقات ڪئي جنهن ۾ عراق ويندڙ پاڪستاني زائرين کان داخلا پاسپورٽ نه وٺڻ، اربعين جي موقعي ??ي ٽريول ايجنٽن بدران عر??قي سفارتخاني طرفان پاڻ زائرين کي ويزا جاري ڪر??، اربعين جي ڪوٽا ۾ اضافي ۽ خصوصي اڏامن جي شروعات تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ فيصلو ٿيو ته هلندڙ سال گذريل سال کان وڌيڪ ويزا جاري ڪيا ويندا، زائرين جي وڌيڪ سهولتن لاءِ ڪراچي ۾ عراقي ??ونصليٽ کي ٻيهر اوپن ڪر?? لاءِ اڄ ئي سمورا معاملا حل ڪر?? تي اتفاق ٿيو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته گهرو وزارت ان ڏس ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اربعين جي موقعي تي پاڪستاني زائرين لاءِ ويزا فيس ختم ڪر?? لاءِ گهرو وزير پنهنجي عراقي ??م منصب سان ٽيليفون تي رابطو ڪندو. ملاقات ۾ عراق ۾ قيد پاڪستانين جي وطن واپسي بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته زائرين کان وڌيڪ فيس چارج ڪندڙ ايجنٽن خلاف ڀرپور ايڪشن ورتو ويندو. ملاقات ۾ ڊپلوميٽڪ ۽ آفيشل پاسپورٽ تي ويزا جي ڇوٽ جي معاهدي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. گهرو وزير محسن نقوي زائرين جي سهولت لاءِ قدمن تي عراق?? گ??رو وزير ۽ عر??قي سفير جو ٿورو مڃيو. گهرو وزير چيو ته هوائي سفر ذريعي عراق ويندڙ زائرين کان پاسپورٽ نه وٺڻ جي فيصلي سان وڏي سهولت ملندي. عر??قي سفير چيو ته پاڪستاني زائرين کي ٻين ملڪن جي برابر سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. عر??قي سفير عراق ج?? گ??رو وزير طرفان گهرو وزير محسن نقوي کي عراق جي دوري جو دعوت نامو به پيش ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستاني زائرين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪر?? سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي ??زير محسن نقوي فوري طور تي ايوي ايشن واري وفاقي ??زير خواجه محمد آصف سان رابطو ڪيو جنهن ۾ عر??قي ايئر لائين کي اڄ کان ئي خصوصي اڏامون هلائڻ جي اجازت ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. عر??قي ايئر لائن کي اڄ ئي باضابطه طور تي خصوصي اڏمون هلائڻ جي اجازت ڏني ويندي. پي آءِ اي جون به خصوصي اڏامون عراق لاءِ هلايون وينديون. حتمي شيڊول اڄ تائين جاري ڪيو ويندو.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان عراق جي سفير عباس لفته جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : números dupla sena