اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) دفاع ۽ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان چين جي پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) جي گرائونڊ فورسز جي ڪمانڊر جنرل لي ڪيائو منگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپ?? جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دفاع واري وفاقي وزير معزز مهمان جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد آهي جنهن جو بنياد علائق??ئي ۽ عالمي مسئلن تي هم آهنگي آهي. وفاقي وزير سمورن شعبن ۾ پاڪ چين لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ کي ساراهيو. هن چيو ته اهي لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام جي ڀل??ئي تي مرڪوز ۽ ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف نه آهن. هن وڌيڪ چيو ت?? پاڪستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. وزير موجوده ٻطرفي مڪينزم جهڙوڪ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ، قونصلر مشاورت ۽ دهشتگرد?? جي خاتمي بابت مشاورت کي ساراهيو. هن چيو ته ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا گڏيل اع??ما?? تي ٻڌل آهن. هن نشاندهي ڪئي ت?? پاڪستان علائق??ئي ۽ عالمي فورمز تي دهشتگرد?? جي خلاف جنگ ۾ چين جي سفارتي ۽ مادي حمايت کي ساراهي ٿو. خواجه محمد آصف چيو ت?? پاڪ چين سيڪيورٽي تعاون علائق??ئي استحڪام جو ٿنڀ آهي. سي پيڪ کي وڌندڙ خطرن/ اچڻ جي وچ ۾ سيڪيورٽي/ انٽيلي جنس شيئرنگ ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيو آهي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ت?? پاڪستان افغانستان سان پنهنجي لاڳاپن تي خصوصي ڌيان ڏيندي خطي ۾ استحڪام ۽ امن جي لاءِ پرعزم آهي. پرامن افغانستان پاڪستان ۽ پوري خط?? جي مفاد ۾ آهي. معزز مهمان علائق??ئي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن سان گڏوگڏ دهشتگرد?? جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪردار کي ساراهيو.
دفاع ۽ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان چين جي پي ايل اي جي گرائونڊ فورسز جي ڪمانڊر جنرل جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا