اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڪالهه خاص سيٽن بابت اڪثريتي تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. 70 صفحن تي ٻَڌل تفصيلي فيصلو جسٽس منصور علي شاهه لِکيو، جنهن ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي خاص سيٽن بابت فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو پهرين مارچ جو فيصلو آئين سان ٽڪراءُ آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ۾ وڏو اسٽيڪ عوام جو هوندو ??هي?? اليڪشن ڪميشن جي پهرين مارچ جي فيصلي جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي. عدالت فيصلي کي اردو ترجمي طور رڪارڊ بنائڻ جو به حڪم ڏنو آهي. فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته جيڪي ميمبر جنهن پارٽيءَ سان وابستگي جو حلف نامو ڏين ٿا، کين ان پارٽيءَ جو تصور ڪيو ويندو. تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ وٽ آرٽيڪل 199 ۾ اه?? اختيار موجود ناهي جيڪو سپريم ڪورٽ وٽ مڪمل انصاف ڪرڻ لاءِ آرٽيڪل 187 ۾ آهي. اليڪشن ڪميشن وٽ آرٽيڪل (3)218 ۾ اختيار آهي ته اليڪشن صاف ۽ شفاف هجن. سپريم ڪورٽ جي لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اه?? هڪ عام سول ڪيس ناهي پر اعليٰ ترين نوعيت جو ڪيس ??هي?? جتي جمهوريت آئين جي هڪ اه?? خصوصيت ۽ عوام (ووٽرز) جي پنهنجي نمائندي جي چونڊ ڪرڻ جي بنيادي حقن کي محفوظ، دفاع ڪرڻ آهي ته جيئن رياست جي قانونساز ۽ انتظامي ادارن جي نمائندن جي چونڊ ٿي سگهي. اڪثريتي تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ قومي اسيمبليءَ ۾ خاص سيٽن جي حقدار ??هي?? آئين ۽ قانون ڪنهن شهريءَ کي چونڊ وڙهڻ کان نٿو روڪي سگهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته رول 94 جي وضاحت آئين جي آرٽيڪل (6)51 ۽ چونڊ ايڪٽ جي شق 106 سان ٽڪراءُ ??هي?? چونڊ نشان نه هئڻ تي خاص سيٽون نه ڏيڻ اليڪشن ڪميشن طرفان اضافي سزا آهي. واضح قانون بنا ڪنهن کي سزا نٿي ڏئي سگهجي، چونڊ نشان واپس وٺڻ جو مطلب اه?? ناهي ته سياسي پارٽيءَ جا آئيني حق ختم ٿي ويا. سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ عورت ونگ جي صدر ڪنول شوذب جي درخواست کي غير ضروري قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ کي اه?? فيصلو ڪرڻو هو ته ڪهڙي سياسي پارٽي کي ڪيتريون خاص سيٽون ملي سگهن ٿيون، انهن سيٽن تي سياسي پارٽين طرفان نامزد ڪيل ماڻهن جو انفرادي حق نٿو ٿئي، اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ جمهوري عمل جو ضامن ۽ حڪومت جو چوٿون ٿنڀ آهي.
سپريم ڪورٽ پاران خاص سيٽن بابت اڪثريتي تفصيلي فيصلو جاري
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری