اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته خدارا پاڪستان کي پنهنجي گندي سياست تي اوليت ڏيو. ڊپٽي وزيراعظم آفيس طرفان ملڪ جي موجوده صورتحال جي حوالي سان جاري بيان ۾ هن سوال ڪيو ته سياسي احتجاج يا ملڪ جي عزت ۽ وقار سان سوچيل سمجهيل سازش ۽ راند؟ هن چيو ت?? تحريڪ انصاف هر ڀيري احتجاج جو سڏ اهڙي وقت تي ڇو ٿي ڏي جڏهن اهم عالمي شخص??تو?? پاڪستان اچي رهيون هجن، توڙي اهي 14 آڪٽوبر تي چيني وزيراعظم جو دورو هجي، 15 -16 آڪٽوبر تي ايس سي او سمٽ لاءِ دنيا جي سربراهن جو پاڪستان اچڻ هجي يا اڄ کان شروع ٿيندڙ بيلاروس جي صدر جو دورو هجي، جنهن لاءِ سندس وزير ۽ اهم ڪاروباري شخص??تو?? پهچي چڪيون آهن. محمد اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته خدارا پاڪستان کي پنهنجي گندي سياست تي اوليت ڏيو.
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت