انقره، دمشق- 6 فيبروري(اي پي پي) ترڪيه ۽ شام ۾ 7.8 شدت جي زلزلي سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 500 ٿي ويو آهي. برطانوي خابرو اداري مطابق ترڪ نائب صدر چيو آهي ته ملڪ ۾ زلزلي سبب هاڻي تائين 284 فوتگين جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته 2323 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. ٻئي پاسي شام جي صحت وزارت جو چوڻ آهي ته هاڻي تائين زلزلي سبب 237 ڄڻا فوت ۽ 600 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. ترڪ حڪ??مت هنگامي حالتون لاڳو ڪندي عالمي امداد جي اپيل ڪئي آهي. ٻنهي ملڪن ۾ زلز??ي جي شديد تباهي بعد ??مدادي سرگرميون جاري آهن. واضح رهي ته زلز??ي جي لوڏن سان ترڪيه جي گهٽ ۾ گهٽ 10 شهرن ۾ ڪيتريون ئي عمارتون ڪري تباه ٿيون آهن ۽ ٻنهي ملڪن ۾ ڀنجهو هيٺ دٻيل ماڻهن کي ري??ڪيو ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. ترڪ حڪ??مت هنگامي حالتن جو اعلان ڪندي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو موبائيل فون استعمال نه ڪن ته جئين امدادي ڪارڪنن کي رابطن ۾ مشڪلاتون پيش نه اچن.
ترڪيه ۽ شام ۾ 7.8 شدت جو زلزلو، 500 ڄڻا فوت، هزارين زخمي
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا