انقره -21 فيبروري (اي پي پي) ترڪيھ ۽ شام جي سرحدي علائقا هڪ ڀيرو ٻيهر شديد زلزلي جي لوڏن سبب ڌڏي ويا، انطاڪيه ۾ 6.4 زلزلي سبب 3 ماڻهو فوت ج??هن ته مجموعي طور تي 680 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ۽ ڪيتريون ئي عم??رتون ڊهي پٽ پئجي ويون. فوت ٿيلن ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي خ??برو اداري مطابق زلزلي جو مرڪز ترڪ صوبي هاتائي جي آسپاس هو. ج??هن ته زلزلي جا لوڏا اردن، مصر ۽ شام ۾ پڻ محسوس ڪيا ويا. زلزلي سبب ترڪيه ۾ 213 ج??هن ته شام ۾ 470 جي ويجهو ماڻهو زخمي ٿي پيا. ترڪيھ گهرو معاملن واري وزير سلمان سويلو چيو آهي ته زلزلي سبب فوت ٿي ويل ماڻهو انطاڪيه ۽ ويجهن علائقن سان تعلق رکن ٿا. ج??هن ته ماڻهن کي خ??رناڪ عم??رتن ۾ داخل نه ٿيڻ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي. اکين ڏٺن شاهدن مطابق انطاڪيھ ۾ عم??رتن کي وڌيڪ نقصان پهتو آهي. ج??هن ته ڏکڻ ترڪيھ هاتائي جي ميئر جو چوڻ آهي ته ماڻهن تباهه ٿيل عم??رتن جي ملبي هيٺان ڦاٿل آهن. ترڪيھ جي ڊزاسٽر اينڊ ايمرجنسي ايجنسي چيو آهي ته زلزلي کان پوءِ ڪيترائي آفٽر شاڪس پڻ محسوس ڪيا ويا. ٻئي طرف شام جي تنظيم آبزرويٽري فار هيومن رائيٽس جو چوڻ آهي ته هاڻوڪي زلزلي کان پوءِ 32 آفٽر شاڪس رڪارڊ ڪيا ويا آهن جن ۾ سڀ کان وڌن جهٽڪن جي شدت 5.8 هئي ج??هن ته 470 زخمين کي اسپتال آندو ويو آهي. واضح رهي ته ترڪيھ جي هن علائقي ۾ 6 فيبروري تي 7.8 جي شدت جو زلزلو آيو هو جنهن جي نتيجي ۾ ترڪيھ ۽ شام ۾ 47000 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا هئا.
ترڪيھ ۽ شام ۾ ٻيهر 6.4 شدت جو زلزلو، 3 ڄڻا فوت، 680 کان وڌيڪ زخمي
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔