رباط-12 ڊسمبر (اي پي پي) وڌيڪ اسرائيلي يرغمالين جي آزاديءَ لاءِ ڳالهيون ايندڙ هفتي شروع ٿي سگهن ٿيون. روسي خابرو اداري مطابق هن وقت غزه جي پٽيءَ ۾ هڪ نئين جنگبندي جي راهه هموار ڪئي پئي وڃي جڏهن ته اڃا تائين مناسب ڳالهيون شروع ناهن ٿيون. رپورٽ ۾ العربيه ٽي وي ۽ فلسطيني اهلڪار جي حوالي سان ??ُڌايو ته ڌُريون ايندڙ هفتي يرغمالين جي ڏي وٺ جي اهم ڳالهه شروع ڪري سگهن ٿيون. امڪان آهي ته اهي ڳالهيون اسرائ??ل جي يرغمالين جي رهائيءَ لاءِ غزه ۾ مڪمل جنگبندي جي مطالبي سان ??شروط ڪيون وينديون، ڇاڪاڻ ته نَون شرطن تي انساني همدرديءَ جي بنياد تي جنگبنديءَ جو دروازو بند ناهي ڪيو ويو. فلسطيني اهلڪار چيو ته غزه پٽيءَ ۾ هڪ نئين جنگبندي جي راهه هموار ڪئي پئي وڃي، پهرين ڊسمبر تي اسرائ??ل جي هٿياربند فوج غزه جي طرفان جنگبندي جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳائيندي پنهنجون ڪارروايون شروع ڪيون هيون.
وڌيڪ اسرائيلي يرغمالين جي آزاديءَ لاءِ ڳالهيون ايندڙ هفتي شروع ٿي سگهن ٿيون: فلسطيني اهلڪار
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado