گڏيل قومون-20 ڊسمبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي ٻ??رن جي حوالي سان فنڊ (يونيسيف) چيو آهي ته غزه جيڪو مسلسل اسرائيلي حملن جي زد ۾ آهي، ٻ??رن لاءِ دنيا جو سڀ کان وڏو خطرناڪ مقام بڻجي چڪو آهي، جنگ بندي نه ٿيڻ جي صورت ۾ بيمارين سبب معصوم ٻ??رن جو موت بمباري سبب ٿيل فوتگين کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ هوندو. يونيسيف جي ترجمان جيمز ايلڊر جاري هڪ بيان ۾ خبردار ڪيو ته خوراڪ، پاڻي، پناهگاه ۽ صفائي سٿرائي جي کوٽ ٻ??رن جي زندگي?? کي خطري ۾ وجهي رهي آهي ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن محفوظ جڳهه کانسواءِ مسلسل فضائي حملن جو شڪار آهن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کان اڳ امداد جي په?? کي آسان بڻائڻ لاءِ جنگ جي وقفي سان، هن جنيوا ۾ صحافي?? کي ٻڌايو ته هر ٻار ان 10 هفتن کان ان جنهم کي برداشت ڪري رهيو آهي ۽ ان مان ڪو به بچي نٿو سگهي، جيئن ته هڪ شديد بيمار ٻار جي والدين مو?? کي ٻڌايو، اسان جي صورتحال خالص ڏک ۽ درد آهي، مو?? کي خبر ناهي ته اسان ان مان گذرنداسين يا نه، غزه جي صحت کاتي جي عملد??رن موجب 7 آڪٽوبر کان اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ هن وقت تائين 19400 فلسطيني شهيد ڪيا ويا، ۽ 52000 کان وڌيڪ زخمي ٿيا پر طبي سهولتن تائين انهن جي پهچي انتهائي محدود آهي. گڏيل قومن جي صحت ج?? اداري ڊبليو ايڇ او اڱاري ڏينهن چيو ته غزه جي پٽي جي 36 اسپت??لن مان صرف 8 جزوي طور تي ڪم ڪري رهيا آهن، ايلڊر چيو ته اسپتال ٻ??رن ۽ سندن والدين سان ڀريل پيا هئا ۽ سڀئي جنگ جي سختيون برداشت ڪري رهيا هئا، پٽين ۾ ويڙهيل تمام گهٽ ٻ??رن کي ڏٺو، تقريبن 1000 ٻار پنهنجي هڪ يا ٻئي ٽنگون وڃائي چڪا آهن، ايلڊر چيو ته گذريل 48 ڪلاڪن دوران غزه جي سڀ کان وڏي باقي رهيل خان يونس جي الناصر اسپتال تي ٻيهر گولا باري ڪئي وئي، جتي وڏي تعداد ۾ زخمي ٻ??رن ۽ ٻين دربدر ماڻه?? کي پناهه ورتي آهي. هن چيو ته اندازي موجب غزه جي اٽڪل 19 لک ماڻهو يا اڪثريتي آبادي بي گهر ٿي چڪي آهي.
غزه مسلسل اسرائيلي حملن سبب ٻارن لاءِ دنيا جو سڀ کان وڏو خطرناڪ مقام بڻجي چڪو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔