واشنگٽن _ 14 مئي (اي پي پي ) آمريڪا جي صدر جوبائيڊن جي اعلى قومي سلامتي جي صلاحڪار جيڪ سليوان جو چوڻ آهي ته آمريڪا ان ڳالهه تي يقين نٿو رکي ته غزه ۾ نسل ڪشي ٿي رهي آهي پر اسرائيل کي فلسطيني شهرين جي تحفظ لاءِ و??يڪ قدم کڻڻ گهرجن . اي ايف پي مطابق وائٽ هائوس جي قومي سلامتي جي صلاحڪار جيڪ سيلوان چيو ته اسان کي يقين آهي ته اسرائيل معصوم شهرين جي تحفظ ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ و??يڪ قدم کڻي سگهي ٿو ۽ کڻڻ چاهي ٿو . هن چيو ته آم??يڪ?? صدر جو خيال هو ته ر??ع آپريشن کي هڪ اسٽريٽ??ڪ اينڊ گيم سان جوڙڻو پوندو جنهن ۾ ان سوال جو به جواب آهي ته ان لاءِ اڳتي ڇا ڪرڻو پوندو . هن چيو ته اهو قدم اسرائيل کي نه ختم ٿيندڙ بغاوت جي روڪ ٿام جي مهم کان بچائيندو جنهن سان اسرائيل جي طاقت ۽ قوت ختم ٿي سگهي ٿي .
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا