قاهره -11 سيپٽمبر (اي پي پي) يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف بوريل چيو آهي ته اسرائيل ٻه رياستي حل کي نامم??ن بڻائي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب عر?? ليگ جي پرڏيهي وزير جو 162 هون باقاعده اجلاس مصر جي گادي واري ش??ر قاهره ۾ ليگ جي هيڊ ڪواٽر ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف بوريل خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل ??ي حڪومت ٻه رياستي حل لاءِ سنجيده ناهي ان جو اهو رويو ٻه رياستي حل کي نامم??ن بڻائي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته غزه ۾ فوري جنگ بندي لازمي آهي. هن غزه ۾ جنگ بندي لاءِ مصر، آمريڪا ۽ قطر طرفان ڪيل ٽياڪڙي جي ڪوششن سميت غزه پٽي ۾ انساني اهنجن جي خاتمي ۾ يورپي يونين جي ڪردار، تباهه ڪندڙ انساني صورتحال ۽ ان لاءِ مڪينزم تي ڳالهيون ڪيون. هن رفع ڪراسنگ سميت غزه جا سمورا رستا کولڻ تي پڻ زور ڀريو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر