واشنگٽن -04 نومبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ توانائي، زرعي ۽ غذائي شين جي ق??متن ۾ جاري ۽ ايندڙ سالن دوران گهتتائي جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي ”ڪموڊٽي مارڪيٽس آئوٽ لڪ“ جي نالي سان جاري تازي رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ موجب جاري سال دوران برينٽ تيل جي سراسري ق??مت 80 ڊالر في بيرل، 2025ع ۾ 73 ڊالر ۽ 2026ع ۾ 72 ڊالر في بيرل رهڻ جو امڪان آهي. جيو پوليٽڪل تڪرار خاص ڪري وچ اوڀر جي صورتحال سبب تيل جي ق??متن ۾ اضافي جو خدشو آهي، جڏهن ته رسد ۾ اضافي ۽ اقتصادي استحڪام کي نظر ۾ رکندي تيل جي ق??مت?? ۾ ??گهي عرصي تائين گهٽتائي جو امڪان به آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2025ع ۾ ڪچي تيل جي روزانو رسد 105 ملين بيرل تائين ٿيڻ جو امڪان آهي جيڪو جاري سال جي ڀيٽ ۾ 2 ملين بيرل روزانو وڌيڪ آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته زرعي جنسن جي ق??متن ۾ استحڪام جي اميد آهي، 2024ع کان پوءِ ??يندڙ ٻن سالن ۾ زرعي جنسن جي ق??متن ۾ 4 سيڪڙو تائين گهٽتائي جا امڪان آهن. سازگار موسمي حالتن ۽ پيداوار ۾ اضافي سبب کاڄرو تيل جي ق??متن ۾ به گهٽتائي جي اميد آهي، ان جي ابتڙ چاڪليٽ ۽ ڪافي ج??ڙي?? مصنو??ات جون قيمتون بلند رهڻ جو امڪان به آهي. عالمي بئنڪ جي اڳڪٿي مطابق ڌاتن جون قيمتون ايندڙ 2 سالن ۾ مجموعي طور مستحڪم رهڻ جڏهن ته لوهه جي ق??مت?? ۾ ??هٽتائي جو امڪان آهي.
توانائي، زرعي ۽ غذائي شين جي قيمتن ۾ جاري ۽ ايندڙ سالن دوران گهٽتائي جو امڪان آهي: عالمي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون