تهران-11 نومبر (اي پي پي) سعودي عرب جي چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل فياض بن حامدالرويلي ايران جو سرڪاري دورو ڪيو ۽ ايران جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد باقري سان ملاقات ڪ??ي. ??رڏيهي ميڊيا ??طا??ق ملاقات دوران ٻنهي ملڪ?? وچ ۾ فوجي ۽ دفاعي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جيڪي خطي ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ضروري آهن. سعودي عرب جي چيف آف جنرل اسٽاف ايران جي انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي مع??ملن بابت اسسٽنٽ چيف آف اسٽاف ميجر جنرل غلام محرابي سان به ملاقات ڪئي، جن??ن ۾ گڏيل دلچسپي جي مع??ملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطح جا عسڪري عهديدار به موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث