باڪو _25 نومبر (اي پي پي ) گڏيل قومن ماحولياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن جي مدد ??اء?? 300 ارب ڊالرن جو معاهدو ڪيو آهي پر ڪجهه ملڪن ان کي ناڪافي قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ماحولياتي تبديلين سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن جي حوالي سان گڏيل قومن جي انتظام هيٺ مشاورتي سيشن آذربائيجان جي شهر باڪو ۾ منعقد ٿيو ، جن??ن ۾ تيل جي صنعت پڻ بحث هيٺ آئي . اها رقم انهن پٺتي پيل ملڪن کي ڏني ويندي جن کي ڪوئلي، تيل ۽ گيس سبب ڇوٽڪارو حاصل ڪندڙن ??اء?? روڪ رقم جي ضرورت آهي ڇو ته انهن شين جي استعمال سبب گلوبل وارمنگ ٿيندي آهي . اهڙي طرح ماحولياتي تبديلي سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻ ??اء?? به انهي رقم ذريعي مدد فراهم ڪئي ويندي. اسرندڙ ملڪن طرفان 13 کرب ڊالرن جو مطالبو ڪيو ويو هو جن??ن جي ڀيٽ ۾ اها رقم تمام گهٽ آهي پر 2009 ۾ ٿيل معاهدي جو ٽيون حصو آهي . ان معاهدي مطابق هر سال 100 ارب جاري ڪرڻا هئا . اهو معاهدو هاڻي ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي. موجوده رقم جي حوالي سان مشوري ۾ شريڪ ڪجهه ملڪن جي وفدن ??مي?? جو اظهار ڪندي چيو ته هاڻي معاملو صحيح رستي تي آهي ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ رقم جو انتظام پڻ ڪيو ويندو.
گڏيل قومن پاران ماحولياتي تبديلي سبب متاثر پٺتي پيل ملڪن جي مدد لاءِ 300 ارب ڊالرن جو معاهدو
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ