گڏيل قومون -25 نومبر (اي پي پي)دنيا ۾ هر 10 منٽن ۾ هڪ عورت کي سندس ويجهن ساٿين يا خاندان جي ٻين ماڻهن هٿان قتل ڪيو ويندو آهي. عالمي سطح تي 2023ع ۾ 85 هزار عورتن ۽ ڇوڪرين کي قتل ڪيو ويو. 60 سيڪڙو عورتن جو قتل ويجها ساٿي يا خاندان جا ٻيا ماڻهو ڪندا آهن. 25 نومبر تي عورتن خلاف تشدد جي خاتمي وا??ي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي ٻن ايجنسين يو اين وومين ۽ گڏيل قومن جي منشيات ۽ ڏ??هن بابت آفيس (يو اين او ڊي سي) طرفان تيار ڪيل ٻن رپورٽن فيميسائيڊز ان 2023 فيملي ميمبر فيميسائيڊ ۾ مرتب ڪيل دستياب انگن اکرن مان خبر پوي ٿي ته عالمي سطح تي 2023ع ۾ 85 عورتن ۽ ڇوڪرين کي ڄاڻي واڻي قتل ڪيو ويو. گڏيل قومن جي عورتن، منشيات ۽ ڏوهن بابت آفيس چيو آهي، ته عالمي سطح تي 2023ع دوران اٽڪل 51 هزار 100 عورتن ۽ ڇوڪرين جي موت جو ذميوار هڪ ويجهو ساٿي يا خاندان جو فرد هو. گڏيل قومن مطابق اهو انگ 2022ع ۾ 48 هزار 800 هو جڏهن ته گذريل سال ان ۾ اضافو ٿيو آه??. ر??ورٽ ۾ چيو ويو آهي، ته ساٿين ۽ خاندان هٿان سڀني ??ان وڌيڪ عورتون آفريقا ۾ قتل ٿيون، ان ??ان پوءِ آمريڪا ۽ اوشيانا جو نمبر اچي ٿو. يورپ ۽ آمريڪا ۾، گهريلو تشدد ۾ مارجي ويل اڪثر عورتن جي شرح (ترتيب وا?? 64 سيڪڙو ۽ 58 سيڪڙو) آهي.
عالمي سطح تي 2023ع ۾ 85 هزار عورتن ۽ ڇوڪرين کي قتل ڪيو ويو: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں