تھران-28 نومبر (اي پي پي) ايران چيو آ??ي ته اسان جون ايٽمي سرگرميون شفاف آھن ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي نگراني ھيٺ ۽ ايٽمي عدم پکيڙ جي معاھدي (اين پي ٽي) جي دائري اندر آھن. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ايران جي ايٽمي توانائي واري اداري جي سربراھه محمد اسلامي جاري بيان ۾ چيو آهي ته ايراني ايٽمي پروگرام ۽ ان جو مقصد واضح آھي، اھو شفاف ۽ پرامن آھي، اسان جون سموريون سرگرميون آءِ اي اي اي جي نگراني ۽ ايٽمي ھٿيارين جي عدم پکيڙ جي معاھدي (اين پي ٽي) جي دائري اندر آھن. پروگرام جي دائري اندر ??ور??نيم جي رچاءُ جي سطح کي وڌ کان وڌ 60 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جي وضاحت ڪندي ھن چيو ته اسان وٽ مختلف ھ??فن مطابق افزودگي جون مختلف شرح آھن، اھم ڳالھه اھا آ??ي ته اسان ڪارڪردگي کي وڌائي سگھون ٿا. ھن چيو ته اعليٰ سطح تي ??ور??نيم جي رچاءُ کان وڌيڪ اثرائتي ۽ اقتصادي مشن کي حاص?? ڪرڻ اسان جي منصوبي جو حصو آھي، اميد آ??ي ته ايران، برطانيه، فرانس ۽ جرمني جا نائب پرڏيھي وزير ايران جي ايٽمي پروگرام ۽ علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ 29 نومبر تي سوئٽزرلينڊ جي شھر جنيوا ۾ ملاقات ڪندا.
اسان جون ايٽمي سرگرميون شفاف ۽ آءِ اي اي اي جي نگراني ھيٺ ۽ اين پي ٽي جي دائري اندر آھن: ايران
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد