لاهور – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته حج خرچن ۾ گهٽتائي سان حاجي تمام گهڻا خوش آهن ۽ هاڻي هر ماڻهو سرڪاري حج جو خواهشمند آهي جنهن جو ڪريڊٽ وزيراعظم محمد نواز شريف ??ان??ن وڃي ٿو، عمران خان کي الله تعاليٰ حج تي وڃڻ جي اجازت نه ڏني ۽ راءِ ونڊ وڃڻ کان اسان ناهي روڪيو، لڳي ٿو ته عمران جو شيطان سان ڳٺ جوڙ ٿي ويو آهي، عمران خان اڪيلو رهجي ويو آهي، سمورين ??ياسي پارٽين ??يستائين ??و سندس سياسي ڪزن به راءِ ونڊ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، پنڊي وارو جيڪو هر عيد تي قرباني جون ڳالهيون ڪندو آهي گذريل ڏينهن هڪ لک جو اُٺ وٺي واپس هليو ويو، هو سومر ڏينهن هتي ڊي ايڇ اي جي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. هن پاڪستان سميت سڄي دنيا جي م??لمانن کي عيد الاضحيٰ جي م??ارڪ ڏيندي چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي موجوده دور ۾ هي چوٿون حج ٿيو آهي جنهن ۾ حاجي سڳورا حڪومت طرفان ڪيل حج ا??تطامن جي ڀرپور واکاڻ ڪري رهيا آهن.
لڳي ٿو ته عمران جو شيطان سان ڳٺ جوڙ ٿي ويو آهي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا