اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس ائٽمي توانائي جي شعبي ۾ تعاون ڪرڻ ۽ ڪنهن ٽئين ملڪ جي شموليت سان ٽه ڌريي واپاري نظام جوڙڻ تي اتفاق ڪيو آهي. بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شنڪو وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف سان گڏجي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چي?? ته بيلاروس ۽ پاڪستان پرامن ذريعن جي لاءِ ائٽمي توانائي جي ميدان ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چي?? ته ٻئي ملڪ ڪنهن ٽئين ملڪ کي شامل ڪري پنهنجي واپاري حيثيت کي س??هه ڏئي س??هن ٿا. هن وزيراعظم محمد نواز شريف سان پنهنجي ڳالهين کي انتهائي تعميري قرار ڏيندي چي?? ته اهي ڳالهيون گذريل سال پاڪستان جي سندس دوري دوران رکيل دوستي جي بنياد کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي مرڪوز رهيون. هن چي?? ته بيلاروس پاڪستان کي پنهنجي هڪ پاڙيسري ملڪ سان گڏوگڏ لاڳاپن ۾ درپيش مشڪل وقت کان آگاهه آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ واري صورت??ال جي حوالي سان هن چي?? ته ڊيئر شريف توهان بيلاروس جي موقف کان آگاهه آهيو جيئن ته هو مسئلي جو پرامن حل جو خواهشمند آهي.
وزيراعظم ۽ بيلاروس جي صدر جو گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب
مضمون کا ماخذ : راکی